لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران غيرقانوني حراست ۾ ورتل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران غيرقانوني حراست ۾ ورتل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دورران عدالتي حڪم تي هوم سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب ڪليم امام عدالت ۾ پيش ٿيا.

جسٽس انوار الحق ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان وٽ انهن ماڻهن جي ڪا لسٽ آهي، جن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. جنهن تي هوم سيڪريٽري پنجاب چيو ته 141 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عدالت چيو ته جن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن جي لسٽس فوري طور عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

آءِ جي پنجاب ڪليم امام عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهستگردي جي خدشي سبب گرفتاريون ڪيون ويون آهن، جنهن تي عدالت چيو ته  اهڙي ڪا به حرڪت نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان سسٽم خراب ٿئي .

عدالت حڪم ڏنو ته جن ماڻهن کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*