سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته نگران حڪومت جا هٿ پير سُڄي ويا آهن

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته نگران حڪومت جا هٿ پير سُڄي ويا آهن، نگران حڪومت کي ڪا خبر ئي نه آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، حڪومت ڪرڻ ايترو سولو ڪم نه آهي، هڪ وڏي ذميواري آهي، نواز ليگ بينظير ڀٽو کي مختلف عدالتن ۾ گهرايو هو.

سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته هتي ڳالهين ۾ افسوس جوڳي گدلاڻ نظر اچي رهي آهي، اتي لنڊن ۾ ٻن گروپن ۾ ويڙهه دوران پوليس کي مداخلت ڪرڻي پئي،

هن ڇيو ته هڪ تنظيم پارليامينٽ کي گاريون ڏئي ٿي ته ٻي پارليامينٽ جي توهين ڪري ٿي،

شيري رحمان چيو ته ن ليگ جي سياسي ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي، نواز ليگ چار سال حڪومت ڪئي آهي، انهن به بي بي شهيد ڀٽو کي ننڍي وڏي عدالت ۾ گهرايو هو،

سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر چيو ته نجف مرزا جيل ۾ آصف علي زرداري تي تشدد ڪيو، اڄ اهو ئي سندن خلاف هڪ جي آءِ ٽي جي قيادت ڪري رهيو آهي.

شيري رحمان چيو ته نگران حڪومت جا هٿ پير سُڄي ويا آهن، نگران حڪومت کي ڪا خبر ئي نه آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، حڪومت ڪرڻ ايترو سولو ڪم نه آهي، هڪ وڏي ذميواري آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*