سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته هڪ جماعت جا راتو رات ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن

سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته هڪ جماعت جا راتو رات ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪالعدم تنظيمن جي ماڻهن کي ڪيئن چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، نواز ليگ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اميدوارن کي خدشا آهن، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي  رضا رباني چيو ته نگران حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،

سينيٽر چيو ته نگران گهرو وزير جو رويو افسوس ناڪ اهي، اميدوارن کي خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مان ڪنهن صحافي کان تفصيل پڇندس ته اهو به وڌيڪ ٻڌائيندو.

رضا رباني چيو ته هڪ جماعت جي ڪيترنئي ڪارڪنن کي راتو رات گرفتار ڪيو ويو اهي، ڪنٽينرز لڳائي رستن کي بند ڪيوويو آهي.

پ پ سينيٽر چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي ڪئين چونڊ وڙهڻ جي اجاز ڏني وئي آهي.

نگران گهرو وزير اعظم خان چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي، صوبائي حڪومت ايف سي گهري ته اسان ڏئي ڇڏي،

اعظم خان چيو ته گهرو وارت اليڪشن ڪميشن کي هر طرح کان مدد فراهم ڪري رهي آهي،

سينيٽر حاصل بزنجو چيو ته هن اسان کي اخبار مان رپورٽ پڙهي ٻڌائي ڇڏي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ايف آءِ اي وفاق وٽ آهي، انهن جي جاري ڪيل رپورٽ ڪٿي آهي.

سينيٽر مشتاق چيو ته نگران گهرو وزير جو رويو افسوس ناڪ آهي، نگران حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، اهي ماڻهو  پنهنجي ناڪامين کي 18هين ترميم جي ذريعي لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*