پي ٽي آءِ سينيٽر نعمان وزير چيو آهي ته نوازشريف جو ڪٽنب چور ڊڪلئير ٿيو آهي

پي ٽي آءِ سينيٽر نعمان وزير چيو آهي ته نوازشريف جو ڪٽنب چور ڊڪلئير ٿيو آهي، نوازشريف لاءِ خان صاحب جا لفظ نه ورجائيندس پر هو غلط ڪري رهيو آهي، آصف زرداري نيب کي ڌميڪون ڏئي رهيو آهي.

سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سينيٽر نعمان وزير چيو ته نوازشريف جو ڪٽنب چور ڊڪلئير ٿيو آهي، جنهن جو استقبال ڪرنل ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا،

هن چيو ته نوازشريف لاءِ خان صاحب جا لفظ نه ورجائيندس پر هو غلط ڪري رهيو آهي، آصف زرداري نيب کي ڌميڪون ڏئي رهيو آهي،

پي ٽي آءِ سينيٽر  چيو ته فريال کي وٽ 350 ملين ڊالر جو چيڪ نيب وٽ موجود آهي، پر ان باوجود سپريم ڪوت چيو ته انهن جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو،

هن چيو ته رضا رباني هڪ ميمبر هائوس کي ٿريٽ ڪري رهيو آهي، هو چاهي ٿو ته هائوس نه هلي، ڌانڌلي جو پول نه کلي،

پي ٽي آءِ سينيٽر چيو ته اسان جي جماعت جو احتساب  پهرين ڏينهن کان جاري آهي،

نعمان وزير چيو ته هڪ طرف سپريم ڪورٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف وري سپريم ڪورٽ جي وضاحت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*