اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي کان اڳ آءِ جي پنجاب طرفان نون ليگ اڳواڻن خواجه سعد رفيق

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي کان اڳ آءِ جي پنجاب طرفان نون ليگ اڳواڻن خواجه سعد رفيق، بلال ياسين، خواجه عمران نذير، ملڪ سيف الملوڪ کوکر، سلمان رفيق ۽ وحيد عالم خان کي  نظربند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

آءِ جي پنجاب سعد رفيق سميت مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نظر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا کانپوءِ وطن واپسيءَ جي موقعي تي لاهور ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

آءِ جي پنجاب پوليس ڪليم امام طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي خط جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي 7 اڳواڻن جي نظر بندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

خط موجب خواجه سعد رفيق، ميان مرغوب، بلال ياسين، خواجه عمران نذير، خواجه سلمان رفيق،ملڪ سيف الملوڪ ۽ وحيد عالم خان جي 30 ڏينهن جي نظر بندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ن ليگي اڳواڻن سبب شهر ۾ امن امان کي نقصان ۽ ڀڃ ڊاهه جو خدشو آهي، ن ليگي ماڻهن جي تقريرن سان ڏڦيڙن جو به خدشو آهي.

حڪم جاري ٿيڻ بعد مسلم ليگ ن اڳواڻ حاجي بختيار کي سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي، سندس رهائشگاهه ٻاهران پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*