آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 12 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

چيف جنرل قمر جاويد باجوه 12 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن 92 اهلڪارن ۽7 عام شهرين کي قتل ڪيو، فوجي عدالت 6 دهشتگردن کي قيد جي سزا به ٻڌائي هئي، هن وقت تائين 231 دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 12 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب غني رحمان، عبدالغازي، ضياءَ الرحمان، جاويد خان، محمد زبير، عمر نواز، ساجد خان، هيبت خان، احمد شاهه، باز محمد، مومن خان ۽ سليمان بهادر کي فوج عدالتن مان سزا ملي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، خطرناڪ دهشتگرد پاڪ فوج، تعليمي ادارن، ٽيليفون ايڪسچينج تي حملن ۾ ملوث هئا، جڏهن ته ساڳين دهشتگردن بنون ۽ ڊي آءِ خان جيل تي حملا ڪيا.

آءِ ايس پي آر موجب، مجموعي طور تي اهي دهشتگرد 7 شهرين ۽ 92 سڪيورٽي اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهن، هنن جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن کي فوجي عدالت موت جي سزا جو حڪم ۽ فوجي عدالت 6 دهشتگردن کي قيد جي سزا ٻڌائي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*