بنون ۾ ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني جي قافلي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو

بنون ۾ ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني جي قافلي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو، پوليس چيو آهي ته ڪارنر ميٽنگ کانپوءِ جي يو آءِ ف جا ڪارڪن اڪرم دراني جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، اڪرم دُراني اين اي 35 تي عمران خان جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهي….

بنون ۾ جي آءِ ف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اڪرم خان دراني جي قافلي ويجهو بم حملي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اڪرم دراني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 تان مجلس عمل جي ٽڪيٽ تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهي.

پوليس موجب اڪرم خان دراني چونڊ جلسي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته بنون ۾ سندس قافلي کي نشانو بڻايو ويو.

واقعي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 35 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جن کي طبي امداد لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال بنون منتقل ڪيو ويو.

ڊسٽرڪت پوليس آفيسر بم ڌماڪي ۾ اڪرم خان دراني جي محفوظ هئڻ جي تصديق ڪئي.

آر پي او بنون ڪريم خان موجب ڌماڪو اڪرم دراني جي چونڊ جلسي کان 50 ميٽر پري ٿيو آهي.

هوڏانهن بنون حملي ۾ معجزاڻي نموني بچي ويل ايم ايم اي اميدوار اڪرم دُراني چيو آهي ته حملي ۾ منهنجا چار ساٿي شهيد ٿي ويا، گاڏيءَ به تباهه ٿي ويئي،

نگران وزيراعظم ناصر الملڪ ايم ايم اي اُميدوار اڪرم دُراني جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

نگران وزيراعظم زخمين جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آصف زرداري ۽ عمران خان حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، بهتر مستقبل لاءِ پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*