مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف  چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن تاريخي آهي

مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف  چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن تاريخي آهي، رياستي جبر ۽ تشدد جي ناڪامي جو ڏينهن آهي، ڪارڪن ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ بي تاب آهن، جيڪي مون سان گڏ ايئرپورٽ هلندا.

مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف  جو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن تاريخي ڏينهن آهي، رياستي جبر ۽ تشدد جي ناڪامي جو ڏينهن آهي.

هن چيو ته اسان جو عظيم قائد نوازشريف ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاهور پهچي رهيو آهي،  هو پنهنجي بيمار گهر واري کي ڇڏي ڏيهه واپس اچي رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته عوام ميان نوازشريف جو ڀرپور نموني ۾ استقبال ڪيو وڃي،

هن چيو ته ماڻهو ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ بي تاب آهن، مختلف علائقن مان ماڻهو به گڏ ٿي رهيا آهن،

شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*