غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 8 هٿياربندن حملو ڪري 15 مينهون ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ ميهار کي قتل ڪري ڇڏيو

غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 8 هٿياربندن حملو ڪري 15 مينهون ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ ميهار کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ يارمحمد اوڳاھي ڀرسان 8 ھٿياربندن حملو ڪري ميهارن کان 15مينھون ڦر ڪيون، مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان اصغر علي کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ عبدالرسول ۽ غازي اوڳاهي زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ تي ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو.

مارجي ويل نوجوان جي والد يارمحمد اوڳاھي ٻڌايو ته ھٿياربندن مينھون ڦر ڪرڻ بعد پٽ اصغر کي قتل ڪري شڪارپور جي ڳڙھي تيغائي واري علائقي ڏانهن فرار ٿي ويا آھن.

هن ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مال واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*