پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جهاز کي لاهور ايئرپورٽ تان اڏام کان روڪيو ويو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جهاز کي لاهور ايئرپورٽ تان اڏام کان روڪيو ويو، پ پ ترجمان سينيٽر مصطفيٰ کوکر چيو آهي ته عمران خان جي جهاز کي ڪجهه دير اڳ اڏام جي اجازت ملي پر بلاول کي روڪيو ويو، نگران حڪومت ۽ انتظاميا جو پيپلز پارٽي سان رويو درست نه آهي.

پ پ ترجمان موجب، بلاول ڀٽو زرداري کي لاهور کان پشاور وڃڻو هو، پر لاهور ايئرپورٽ تي سول ايوي ايشن عملدارن سندس جهاز کي اڏام جي اجازت نه ڏني.

پ پ ترجمان مصطفيٰ کوکر جو چوڻ آهي ته بلاول جي جهاز کان ڪجهه وقت اڳ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي جهاز کي اڏام جي اجازت ڏني وئي.

هن چيو ته، سول ايوي ايشن لاڏلي جي جهاز کي وڃڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي سان غلط ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.

پ پ ترجمان اليڪشن ڪميشن کان معاملي  جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته نگران حڪومت ۽ انتظاميا جو پ پ سان ورتاءُ بهتر نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*