ٻانڌي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي بنا پرمٽ جي هيوي گاڏيون هلڻ خلاف جسقم ڪارڪن احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٻانڌي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي بنا پرمٽ جي هيوي گاڏيون هلڻ خلاف جسقم ڪارڪن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جسقم ڪارڪنن علي رضا، شفيق شاهه، بادل بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي هيوي گاڏيون هلڻ تي پابندي باوجود ڳريون گاڏيون هلڻ بند نه ٿيون آهن.

هنن چيو ته ڳريون گاڏيون هلڻ سبب روڊ ٽٽي ويو آهي ۽ حادثا معمول بڻجي ويا آهن،جنهن ۾ڪيترائي ماڻهو جانيون وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪيترائي معذور ٿي ويا آهن.

هنن ڊي سي ۽ ايس ايس پي بينظير آباد ۽ کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا روٽ جي هلندڙ گاڏين جو گذر بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*