ٽنڊي ڄام، اوٻاوڙي ۽ غوثپور ويجهو ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻن ٻارن سميت 7 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو آهي

ٽنڊي ڄام، اوٻاوڙي ۽ غوثپور ويجهو ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻن ٻارن سميت 7 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو آهي.

ٽنڊو ڄام ويجهو حيدرآباد روڊ تي کيسانا موري وٽ ٽرڪ ۽گاھ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ ٽرالي مٿان ويٺل مزدور ڪارو ڪولهي چيڀاٽجي فوت  ٿي ويو.

اوٻاوڙي ڀرسان ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا درشن اوڏ سندس گهرواري ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ڏهرڪي نيو ويو.

غوثپور ويجهو انڊس ھاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.

زخمين ۾ نثار احمد، زبير خان ۽ عبدالصمد  اوڳاھي شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*