پيرجوڳوٺ ويجهو مڇي تلاءَ جي مالڪي تان ٿيٻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو

پيرجوڳوٺ ويجهو مڇي تلاءَ جي مالڪي تان ٿيٻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو.

ڳوٺ فتح پور ۾ مڇي تلاءَ جي مالڪي تان ٿيٻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان رجب علي ٿيٻو مارجي ويو.

ٽنڊو مستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس سرڪاري اسپتال مان نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس ڪارروائي ڪري گلشير ٿيٻو، امجد، گلاب ۽ سرور ٿيٻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*