پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پرامن اليڪشن پاڪستان جي مستقبل لاءِ ضروري آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پرامن اليڪشن پاڪستان جي مستقبل لاءِ ضروري آهي، ليڊرشپ ملڪي اثاثو آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، نواز شريف ڪرپشن ڪئي آهي، هو نيلسن مانڊيلا ناهي،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته پرامن اليڪشن پاڪستان جي مستقبل لاءِ ضروري آهي، ليڊرشپ ملڪي اثاثو آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي،

هن چيو ته نواز شريف ڪرپشن ڪئي آهي، هو نيلسن مانڊيلا ناهي، عوام جو پئسو چورائيندڙ نواز شريف جي استقبال لاءِ گڏ ٿيا آهن،

پي ٽي آءِ اڳواڻ  چيو ته نواز شريف ايئن اچي رهيو آهي، ڄڻ ڪشمير فتح ڪيو هجي،

هن چيو ته حسن، حسين ۽ نواز شريف 16 ڪمپنيز جو نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا، قوم دهشتگردي خلاف  رڪ جي ديوار بڻجي بيٺل آهي،

فواد چوڌري چيو ته عمران خان اڪرم دراني تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، اڪرم  دراني تي حملي جي پي ٽي آءِ مذمت ڪري ٿي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*