لاهور سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان نواز ليگ جا ڪارڪنن نوازشريف ۽ مريم نواز جي استقبال لاءِ لاهور ايئرپورٽ پهچڻ لاءِ روانو ٿي چڪا آهن

لاهور سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان نواز ليگ جا ڪارڪنن نوازشريف ۽ مريم نواز جي استقبال لاءِ لاهور ايئرپورٽ پهچڻ لاءِ روانو ٿي چڪا آهن، نوازشريف ۽ مريم نواز جو جهاز به دير جو شڪار ٿي ويو آهي، هاڻ نوازشريف رات 8 وڳي لاهور پهچندو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي فلائيٽ ٻه ڪلاڪ دير ٿي وئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز کي ابو ظهبي جي وي آءِ پي لائونچ ۾ ويهاريو ويو آهي.

نواز شريف ۽ مريم نواز جي فلائيٽ اي واءِ دير جو شڪار ٿي وئي آهي، اهي هاڻي شام 6 بدران اٺين وڳي لاهور ايئرپورٽ تي پهچندا.

ايئرپورٽ تي رينجرز سڪيورٽي جي چارج سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته ليگ جي ٻين شهرن مان قافلن به لاهور جو رخ ڪيو آهي.

فيصل آباد سميت مختلف علائقن ۾  نواز ليگ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خواجا آصف جي قيادت ۾ نڪتل ريلي کي به روڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*