سپريم ڪورٽ چنگچي رڪشا ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ چنگچي رڪشا ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس گلزاراحمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چنگچي رڪشا وارا به ٽرانسپورٽ مافيا جو حصو آهن، رپورٽ اچڻ بعد چنگچي رڪشائن جي رجسٽري واري معاملي جو فيصلو ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ چنگچي رڪشائن جي رجسٽريشن نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چنگچي رڪشا يونيون جي صدر عاطف رضا موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود رجسٽريشن نه پئي ڪئي وڃي، 15 مهينن کان چنگچي رڪشائن جي رجسٽريشن لاءِ چڪر ڪاٽي رهيا آهيون.

جسٽس گلزار احمد  ريمارڪس ڏيندي چيو ته چنگچي وارا به ٽرانسپورٽ مافيا جو حصو آهن.

سپريم ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته رپورٽ اچڻ بعد فيصلو ڪنداسين.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*