نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ بحريا فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي صدارت ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ بحريا فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي صدارت ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نيول چيف چيو آهي ته منشيات، هٿيار ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن خطرن کي به قومي ۽ بين الاقوامي جهاز راني کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پاڪ بحريا ترجمان موجب، نيول هيڊ ڪواٽرز اسلام آباد ۾ پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي صدارت هيٺ پاڪ بحريا جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.

ترجمان موجب، ڪانفرنس دوران پاڪ بحريا جي آپريشنل تيارن، ترقياتي منصوبن ۽ موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

پاڪ بحريا جي ترجمان چيو آهي ته نيول چيف کي پاڪ بحريا جي جاري ۽ مستقبل منصوبن تي بريفڪنگ به ڏني وئي.

نيول چيف چيو آهي ته ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول جي قياد سان حساس بحري علائقن تي دهشتگردي ۽ قذاقي جهڙن خطرن کان تحفظ ممڪن هوندو،

نيول چيف چيو ته منشيات، هٿيار ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن خطرن کي به قومي ۽ بين الاقوامي جهاز راني کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*