پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته نگران حڪومت اڻڌري آهي

پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته نگران حڪومت اڻڌري آهي، اسان تي  شڪ نه ڪيو وڃي، لاهور ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، لاهور ۾ موبائيل فون سروس بحال ٿي وئي آهي،

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت جاويد چيو ته نگران حڪومت اڻڌري آهي، اسان تي  شڪ نه ڪيو وڃي،

هن چيو ته لاهور ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته موبائيل فون سروس به بحال ٿي وئي آهي،

پنجاب جي نگران گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جي خدشي سبب ن ليگ کي ريلي جي اجازت ناهي ڏني وئي،

هن چيو ته موبائيل فون سروس معطل ڪرڻ جو مقصد دهشتگردي کان بچڻ آهي،

پنجاب جي نگران گهرو وزير چيو ته لاهور ايئرپورٽ تي رڳو ملازم ئي وڃي سگهن ٿا،

هن چيو ته لاهور ايئرپورٽ حساس علائقو آهي، ريلي کي ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ جي اجازت نه هوندي،

شوڪت جاويد چيو ته سمورا رستا کوليا ويا آهن، اهي جمعي نماز سبب بند ڪيا ويا هئا، اسان قانون ۽ ضابطي لاءِ موجود آهيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*