مستونگ واري علائقي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي ننڍي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 70 ڄڻا شهيد

بلوچستان جي مستونگ واري علائقي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي ننڍي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 70 ڄڻا شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

مستونگ جي درينگڙ واري علائقي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڪارنر ميٽنگ دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 70 ڄڻا شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

سراج رئيساڻي جي وڏي ڀاءُ لشڪر رئيساڻي آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آپگهاتي ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز ۽ ليويز اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز طرفان شاهديون جمع ڪيون پيون وڃن.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ 8 کان 10 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪيدار مادي ۾ بال بيرنگ وڏي مقدار ۾ هئڻ سبب تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو.

مستونگ ۾ ڌماڪي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سراج رئيساڻي پي بي 35 تي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار هو.

ياد رهي ته جولاءِ 2011 ۾ به مستونگ واري علائقي ۾ سراج رئيساڻي تي آپگهاتي حملو ٿيو هو جنهن ۾ سندس 14 ورهين جو پٽ حقمل رئيساڻي شهيد ٿيو هو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*