مستونگ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڪارنر ميٽنگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي دوران سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پي بي 35 تي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون
مستونگ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڪارنر ميٽنگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي دوران سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پي بي 35 تي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، جڏهن ته سياسي اڳواڻن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بي اي پي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 70 شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
بي اي پي اميدوار سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ اليڪشن ڪميش پي بي 35 تي چونڊ مهم ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
مستونگ ۾ بي اي پي جي ڪارنر ميٽنگ تي آپگهاتي ڌماڪي جي سياسي اڳواڻن پاران سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
صدر ممنون حسين، نگران وزيراعظم ناصر الملڪ، بلوچستان جي نگران وڏي وزير علاءَ الدين مري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.
صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه آهي.