نواز شريف ۽ مريم نواز جي قانون موجب گرفتاري ضرور عمل ۾ آندي ويندي،نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي قانون موجب گرفتاري ضرور عمل ۾ آندي ويندي، نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، ٻين ڪيسز کي به انجام تائين پهچايو ويندو.

اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ کيس نوازشريف ۽ مريم نواز جي گرفتاريءَ بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي قانون موجب گرفتار ڪيو ويندو، گرفتاري ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، ٻين ڪيسز کي به مقرر وقت تي اڪلايو ويندو.

اجلاس ۾ نيب چيئرمين چيو ته هو نوازشريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري بعد کين اڊيالا جيل تائين پهچائڻ واري سموري معاملي جي نگراني پاڻ ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*