اسٽار اوپنر احمد شهزاد اڄ دبئي کان لاهور پهچي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار اوپنر احمد شهزاد چيو آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين ٽيم جي سمورن رانديگرن جو فارم ۾ اچڻ ٽيم جي حق ۾ بهتر ثابت ٿيندو.

قومي ٽيم جي اسٽار اوپنر احمد شهزاد کي نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪوري ايندرسن جو بائونسر لڳو،جنهن سبب هو پنهجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ هيٺ ڪري پيو.

احمد شهزاد جي بيٽ وڪيٽس ۾ لڳي ۽ هو هٽ وڪيٽ آئوٽ ٿي ويو.

احمد شهزاد کي ڊاڪٽرن 3 کان 4 هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي.

احمد شهزاد اڄ صبح سوير دبئي کان لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ پهچي ويو آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ مستقبل ۾ ٽيم جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.

هن چيو ته دنيا جي بهترين آسٽريلوي ٽيم کي شڪست ڏيڻ تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي.

احمد شهزاد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽرن کيس 3 هفته آرام جو مشورو ڏنو آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته فٽ ٿيڻ بعد هو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*