سنڌ ۾ قومي ايڪشن پلان بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

سنڌ ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزي لاءِ اڄ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اڄ ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي رهيو آهي.

اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار شريڪ ٿيندا.

ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران قومي ايڪشن پلان تي عملدر آمد ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب پوليس ۽ رينجرز عملدارن پاران ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن بابت به  ايپڪس ڪميٽيءَ کي بريفنگ ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*