قمبر ويجهو گذريل ڏينهن پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو جلال چانڊيو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

قمبر ويجهو گذريل ڏينهن پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو جلال چانڊيو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس وارثن لاش باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو.

  ڳوٺ درمحمد هڪڙو ۾گذريل ڏينهن پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي فائرنگ ۾ جلال چانڊيو زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

فوت ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش سندس وارث مرد ۽ عورتن قمبر باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فوتي جي وارثن الزام هنيو ته اسان جو هڪڙا برادري سان زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هيو جن پوليس ۽ رينجرس جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪرائي نوجوان کي قتل ڪرايو آھي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف شفاف نموني سان جاچ ڪرائي ملوث عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جلال چانڊيو تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*