مدئجي ويجهو گذريل رات ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

مدئجي ويجهو گذريل رات ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڳوٺ گهنور ڏاهاڻي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ نوجوان ظهير ڏاهاڻي مارجي ويو، 10 ڪلاڪ بعد پوليس لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.

نوجوان جو لاش سندس گهر پهچائڻ تي قهرام مچي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

مقتول نوجوان جي والده مسمات مندر خاتون ڏاهاڻي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پٽ ظهير کي گهر ۾ موجود هو، برادري جي نوجوان جاويد ڏاهاڻي فون ڪري کيس ٻاهر گهرايو.

هن چيو ته ٿوري دير بعد فائرنگ جو آواز ٿيو، ٻاهر نڪتاسين ته پٽ ظهير جو لاش زمين تي پيل هو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*