مستونگ سانحي کانپوءِ بلوچستان ۾ ماحول سوڳوار آهي

مستونگ سانحي کانپوءِ بلوچستان ۾ ماحول سوڳوار آهي، بلوچستان جي نگران حڪومت 2 ڏينهن ۽ بلوچستان عوامي پارٽي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي جهنڊو به نويل آهي.

بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي صوبي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيل برادري احتجاجي مظاهرا ڪري رهي آهي.

ڪوئيٽا ۽ سبي سميت بلوچستان جا اڪثر شهر سوڳ ۾ بند آهن، جڏهن ته عام شهري به واقعي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*