ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز کي اڊيالا جيل ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز کي اڊيالا جيل ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس سهالا ريسٽ هائوس منتقل نه ڪيو ويندو.

گذريل ڏينهن لاهور ايئرپورٽ تان نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪري کين اسلام آباد منتقل ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي جوابدارن کي اڊيالا پهچايو ويو هو.

ذريعن موجب، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز کي اڊيالا جيل اندر ڌار ڌار  ڪمرن ۾ رکيو ويو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مريم نواز کي سهالا ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ وارو فيصلو في الحال ملتوي ڪري کيس اڊيالا ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*