قومي ايئرلائين حج آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

 قومي ايئرلائين حج آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۽ ڪراچي مان سرڪاري اڏامون پنج سئو کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي کڻي ڀلي پار روانيون ٿي ويون آهن.

جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي مان پهرين اڏام پي ڪي ست سئو هڪ، 300 کان وڌيڪ حاجين کي ڀلي پار کڻي رواني ٿي.

پي آءِ اي جي ٻي اڏام اسلام آباد مان 327 حج پانڌيئڙن کي کڻي اڏام ڀري ڇڏي آهي، جڏهن ته اڏام کان اڳ پانڌيئڙن کي گائيڊ لائين ڏني وئي.

ڊپٽي هيڊ آف مشن حبيب الله بخاري جو چوڻ آهي ته سعودي حڪومت حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*