نواز شريف جي نياڻي مريم ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر احتساب عدالت جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 نواز شريف جي نياڻي مريم ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر احتساب عدالت جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن جو وفد اڊيالا جيل پهچي ڪيس جي حوالي سان مشاورت ڪندو.

ذريعن موجب، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر عدالتي فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن جو وفد ڪجهه دير ۾ اڊيالا جيل پهچي مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر سان ملاقات ڪندو.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته وڪيل مريم نواز کان وڪالت نامي تي صحيح ڪرائيندا، جنهن کانپوءِ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي.

مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جا وڪيل اپيل ۾ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندا.

واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر کي ڏوهي قرار ڏيندي قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار اڊيلا جيل ۾ قيد ڀوڳي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*