فيض گنج ۾ ملڪ اندر تازي دهشتگردي واقعن خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي احتجاج ڪري ريلي ڪڍي وئي

فيض گنج ۾ ملڪ اندر تازي دهشتگردي واقعن خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي احتجاج ڪري ريلي ڪڍي وئي، شرڪت ڪندڙن مستونگ واقعي ۽ هارون بلور تي حملي جي مذمت ڪندي زوردار نعريبازي ڪئي.

 رورل هيلٿ سينٽر کان پڪا چانگ مکيه چوڪ تائين سول سوسائيٽي طرفان مارچ ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عبدالباقي شر، مرتضيٰ، وقار، خادم حسين ۽ ٻين ڪئي.

احتجاجي ريلي کي خطاب دوران سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مستونگ واقعي ۽ ڪي پي ڪي ۾ عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ هارون بلور تي حملي جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي.

ان موقعي تي هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون دهشتگرديءَ  جي تازي واقعن جو نوٽيس وٺي ملوثن کي وائکو ڪن ۽ فوري ڪارروائيءَ ڪري امن امان بهتر ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*