هوسڙي ويجهو ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو،عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

هوسڙي ويجهو ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو،عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 ٽنڊو محمد خان -حيدرآباد روڊ تي ڳوٺ ادل نوناري وٽ حيدرآباد کان بدين ويندڙمسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي ۾ 14 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي حيدر آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ مسافر 32 ورهين جو هيرو ٺڪر فوت ٿي ويو.

زخمين ۾7ورهين جي ٻارڙي بشريٰ، شبيران لاشاري، نبي بخش، ڪارو ملاح، لياقت بهاري، هرچند ۽ پريمون ڪولهي شامل آهن.

جڏهن ته  زخمين مان هڪ مسافر راجو ڪولهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*