اڳوڻي مملڪتي وزير مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي 13 هين ورسي ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي پئي وڃي

اڳوڻي مملڪتي وزير مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي 13 هين ورسي ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي پئي وڃي.

 سنجر جوڻيجو ۾ جوڻيجو ڪٽنب جي فردن ۽ علائقي واسين مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي.

 مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي ورسي  تي جوڻيجو ڪٽنب طرفان خيرات في سبيل الله جي ماني جو بندو بست ڪيو آهي.

 مرحوم شاهنواز جوڻيجو سياسي طور ڪافي عرصو پ پ سان سلهاڙيل هيو، ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني سان حصو ورتو، مرحوم شاهنواز جوڻيجو 6 سال جيل پڻ ڪاٽيو، شاهنواز جوڻيجو 14 جولاءِ 2005 ع تي سنگاپور جي سپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*