ميرپورخاص ڀرسان پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ميرپور خاص ڀرسان رات دير سان مبينا مقابلي  ۾ پوليس  ٻن  ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار  هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب، رات دير سان محمود آباد نالي وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان ساڻن مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا ۽ سندن 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب، مقابلي بعد ٻن ڏوهارين گل بهار شر ۽ غلام قادر شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار سندن قبضي مان هڪ موٽرسائيڪل ۽ هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل هئا، سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*