ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ريفرنسز تي به ڪارروائي وڪيل برادري جي بائيڪاٽ سبب ملتوي ڪيون ويون

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ريفرنسز تي به ڪارروائي وڪيل برادري جي بائيڪاٽ سبب ملتوي ڪيون ويون.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس تي اڄ رکيل ٻڌڻي مستونگ بم ڌماڪي جي سوڳ سبب نه ٿي سگهي.

احتساب عدالت جي جج ريفرنس جي ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي رمارڪس ڏنا ته وڪيل برادري پاران عدالتي ڪاررواين جو حصو نه بڻجڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي پئي وڃي.

احتساب عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپيا ريفرنس جي ٻڌڻي به 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*