شهداد ڪوٽ ۽ قاضي احمد ويجهو آبادگارن مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا

 شهداد ڪوٽ ۽ قاضي احمد ويجهو آبادگارن مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا.

شهداد ڪوٽ ويجهو ايس ٽي پي اڳواڻن حيات تنيو، شبير مگسي ۽ ظفر جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري پتوجا پل وٽ موٽروي تي ڌرڻو هڻي رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

 آبادگارن دانهيو ته تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري هو ساريالو فصل نه پوکي سگهيا آهن.

 قاضي احمد ويجهو دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن خميسو خان، علي شير ۽ اعجاز سنگراه جي اڳواڻيءَ ۾ جيلاني پمپ کان نواب ولي محمد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي زوردار نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي ٻڌايو ته دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ 26 سالن کان پاڻيءَ جو ڦڙو ناهي پهتو  جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آهي.

 آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي ڏئي آبادگارن جو معاشي قتلام بند ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*