نصيرآباد ۾ تنيا برادري پاران زمين ۽ ڳوٺ تي قبضي خلاف علامتي بک هڙتال  ڪئي وئي

نصيرآباد ۾ تنيا برادري پاران زمين ۽ ڳوٺ تي قبضي خلاف علامتي بک هڙتال  ڪئي وئي.

واجد علي تنيو ۽ محمد مٺل تنيو جي اڳواڻي ۾ رهواسين ۽ شهرين پريس ڪلب اڳيان 3 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جي 120 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ڳوٺ مصري تنيو تي پوليس آفيسر منظور چانڊيو قبضو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين ۽ ڳوٺ تان قبضو ختم ڪرائي پوليس آفيسر منظور چانڊيو کي هٽايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*