نصيرآباد ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف مهراڻ ڪالوني، اوڍاڻا محلي ۽ شيخ محلي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو

نصيرآباد ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف مهراڻ ڪالوني، اوڍاڻا محلي ۽ شيخ محلي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عباس گل اوڍاڻو، ڊاڪٽر گل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته سيپڪو عملدار ڄاڻي واڻي اسان جي ڪالوني ۽ محلن ۾ هٿرادو  لوڊشيڊنگ ڪري 16 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، گرمي سبب عذاب ۾ اچي ويا آهيون.

هنن سيپڪو چيف ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سميت ٻين عملدارن کي هٽائي اسان کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*