ملتان سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا آيل قيدي نصرالله کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو

ملتان سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا آيل قيدي نصرالله کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، جوابدار 1994 ۾ نوجوان کي قتل ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو.

سينٽرجيل ملتان۾ ڦاهي جي سزا جي انتظار ۾ ويٺل قيدي نصرالله کي طبي معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڦاهي ڏني وئي .

جوابدار 1994 ۾ عدالتي احاطي ٻاهران هڪ شهري کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته فائرنگ سبب  هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيوهو.

ڦاهي کان پوءِ جوابدار جو لاش ضروري ڪارروائي بعد  وارثن حوالي ڪيو ويو،جيڪي سندس اباڻي ڳوٺ مظفر ڳڙهه کڻائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*