سپريم ڪورٽ، اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ايف آءِ اي انٽر پول اختيارين سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 سپريم ڪورٽ، اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ايف آءِ اي انٽر پول اختيارين سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي ۽ سندس ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

گهرو وزارت جي عملدارن عدالت ۾ پيش ٿي جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته گهرو وزارت جي منظوري بعد ايف آءِ اي ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

عدالت اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اسحاق ڊار جو پاسپورٽ رد ڪرڻ واري معاملي تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي ۽ ڇا اشتهاري قرار ڏيڻ بعد اسحاق ڊار جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي آهي؟.

اٽارني جنرل چيو ته اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس ڏيهه واپسي لاءِ به ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

عدالت ايف آءِ اي عملدارن کي انٽر پول سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي جوابدار کي جلد ڏيهه آڻڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*