نواز شريف جي ڏيهه واپسي دوران سندس آجيان لاءِ ريليون ڪڍڻ تي شهباز شريف، حمزه شهباز، راڻا ثناءُ الله سميت ن ليگ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي 20 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
نواز شريف جي ڏيهه واپسي دوران سندس آجيان لاءِ ريليون ڪڍڻ تي شهباز شريف، حمزه شهباز، راڻا ثناءُ الله سميت ن ليگ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي 20 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
لاهور جي لاهور گيٽ، سمن آباد، سٽي، ڪينٽ، صدر، اقبال ٽائون سميت مختلف ٿاڻن تي سرڪار جي فرياد تي ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.
مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيسن ۾ ن ليگ جَي صدر شهباز شريف، حمزه شهباز، جاويد هاشمي، عظميٰ بخاري، سائره افضل تارڙ، مريم اورنگزيب، ڪامران مائيڪل، ڪرنل مبشر، راجا ظفر الله، مشاهد حسين سيد، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ڪيسن ۾ دهشتگردي، پوليس اهلڪارن تي تشدد، عوامي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس ڪيسن ۾ ڄاڻايو آهي ته نواز ليگ اڳواڻن غير قانوني طور ريليون ڪڍي پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ن ليگ پاران ريليون ڪڍيون ويون هيون.
ريلين دوران ن ليگ جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن دوران پوليس عملدارن سميت ڪيترائي ليگي ڪارڪن زخمي به ٿيا هئا.
پوليس ۽ رينجرز منهن ماري ۽ نعريبازي ڪرڻ تي ن ليگ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو……………….