واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم سکر ۾ قريشي ڳوٺ ۽ شاهمراد ڪالوني ۾ ڊرينيج جو ڪم مڪمل نه هئڻ ۽ قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم سکر ۾ قريشي ڳوٺ ۽ شاهمراد ڪالوني ۾ ڊرينيج جو ڪم مڪمل نه هئڻ ۽ قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم قريشي ڳوٺ ۽ شاهمراد ڪالوني جو دورو ڪري صفائي واري صورتحال جو جائزو ورتو.

 واٽر ڪميشن سربراهه قريشي ڳوٺ ۾ ڊرينيج لائين وارو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي کي ٻن مهينن جي مهلت ڏيندي چيو ته ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.

پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر چيو ته شاهمراد ڪالوني جي پير مراد شاهه قبرستان جي زمين تي قبضا آهن، ان ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪري نه سگهيا آهيون.

واٽر ڪميشن سربراهه پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر کي چيو ته قبرستان جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ توهان جو ڪم آهي، ڇا قبرستانن کي وڪرو ڪري ڇڏيون.

قريشي ڳوٺ جي رهواسين بجلي جي بندش ۽ ٽرانسفارمر نه ملڻ خلاف واٽر ڪميشن سربراهه  اڳيان  احتجاج ڪيو.

واٽر ڪميشن سربراهه ڊي سي کي حڪم ڪيو ته شهرين جا مسئلا حل ڪيا  وڃن، سڀ ڪم مان نٿو ڪري سگهان.

واٽر ڪميشن سربراهه جي شاهمراد ڪالوني ۾ قبرستان جي دوري دوران رهواسين پڻ احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته اسان جي پيارن جا قبرستان گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

واٽر ڪميشن سربراهه آفيسرن کي حڪم ڪيو ته شاهمراد ڪالوني جي قبرستان تان جلد قبضا ختم ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪري ڀت تعمير ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*