دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل گمبٽ واسي فوجي جوان جو مڙهه مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل گمبٽ واسي فوجي جوان جو مڙهه مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوجي جوان آفتاب کهڙو گذريل ڏينهن وزيرستان واري علائقي ۾معمول موجب گشت ڪندي شهيد ٿي ويو هو.

 شهيد فوجي اهلڪار آفتاب احمد کهڙو جو مڙهه گمبٽ ڀرسان ڳوٺ موٽيل کهڙو آندو ويو جتي سندس آخري رسمون  ادا ڪيون ويون،

 جنازا نماز ۾ سنڌ ريجمينٽ حيدر آباد جو ڪرنل ۽ ٻيا اهم فوجي عملدار شريڪ ٿيا، جڏهن ته علائقي واسين جو  هڪ وڏو انگ به شريڪ هو، انهي موقعي تي سندس جسد خاڪيءَ کي فوجي سلامي  پيش ڪئي وئي.

 جنازا نماز جي ادائي کان پوءِ شهيد فوجي اهلڪار آفتاب احمد کهڙو جو مڙهه حاجي هاشم شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو،  وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*