گولاڙچي جي امام واهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري بدين ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو

گولاڙچي جي امام واهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري بدين ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ترائي واسي آبادگار منظور ميمڻ، منٺار شاهه، آچار راهوڪڙو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ امام واهه اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

آبادگارن جي احتجاج دوران  ڪراچي بدين روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي طرفن گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

 ان موقعي تي  آبادگارن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سارين جو ٻيجارو سڪي سڙي رهيو آهي، پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*