وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

 وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي عدالتي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام ۽ ان لاءِ آرڊريننس جاري ڪرڻ جي حوالي سان سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شيرپائو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سميت وفاقي وزير ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*