ٿاڻوبولاخان ويجهو نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار بااثر شخصيت ملڪ بابر ۽ سندس ملازم کي عدالت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
ٿاڻوبولاخان ويجهو نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار بااثر شخصيت ملڪ بابر ۽ سندس ملازم کي عدالت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
نوجوان سهراب خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪوهستان جي بااثر ملڪ بابر ۽ ملازم رحيم برفت کي ٿاڻو بولا خان سول ڪورٽ ٿاڻو بولا خان ۾ پيش ڪيو.
عدالت جوابدارن کي 14 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي ٿاڻو بولاخان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته ملڪ اسد جي پٽ ملڪ سڪندر۽ ٻين مقتول جي وارثن وٽ پهچي ساڻن همدردي جو اظهار ڪندي، هر ممڪن مدد جي به خاطري ڪرائي……….