ميرپوربٺوري ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پگهارون نه ملڻ خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو

ميرپوربٺوري ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پگهارون نه ملڻ خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

صفائي واري عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بابو ملاح ، نديم مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي ملازمن چيو ته پگهارن لاءِ هر مهيني رلايو وڃي ٿو ۽ گذريل مهيني جي پگهار به اڃا تائين نه ملي آهي.

هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب سندن گهرن ۾ ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

ٻي طرف صفائي عملي جي ڪم ڇڏهڙتال سبب شهر جي سمورن علائقن ۾ گند ڪچري جا ڍير گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته رستن ۽ گهٽين تي گندو پاڻي بيهجي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*