عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ عظيم ڏاهي رسول بخش پليجو جي چاليهي واري تقريب اڄ جنگشاهي ويجهو ٿي رهي آهي

 عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ عظيم ڏاهي رسول بخش پليجو جي چاليهي واري تقريب اڄ جنگشاهي ويجهو ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سياسي ڪارڪن، اديب ۽ دانشور  شريڪ ٿي رهيا آهن.

سنڌ جي مھان ڏاھي، برک اديب ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي جي چاليهي واري تقريب جنگشاهي ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرامگاهه تي ٿي رهي آهي.

 چاليھي جي موقعي تي اڄ صبح کان وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن، سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن، ورڪرن سميت سڄي سنڌ مان عوامي تحريڪ  جي قافلن جي آمد جاري آهي.

چاليھي جي تقريب جي لاءِ وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ ھزارين ماڻھن جي ويھڻ جو بندوبست ٿيل آھي، جڏهن ته اسٽيج کي قومي جھنڊن سان سينگاريو ويو آھي.

  چاليهي جي موقعي تي  رسول بخش پليجي جي لکيل ڪتابن ۽ سندس زندگي بابت لکيل ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن.

پنڊال ۾ موجود  وڏين  اسڪرينن تي  ڊاڪيومينٽريز  ۽ سندس  تقريرن هلائڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي…………

 ، پنڊال ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن عورتن جي اچڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي جڏھن تہ ميڊيا جون ٽيمون پڻ پھتل آھن .

 سنڌ جي عظيم ڏاهي رسول بخش پليجو جي چاليهي واري تقريب جنگشاهي ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرامگاهه تي ٿي رهي آهي.

 تقريب ۾ مختلف سياسي پارٽين  جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت سياسي شخصيتون، اديب ۽ دانشور شريڪ ٿي رهياآهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*