سپريم ڪورٽ، پيٽرولين شين جي اگهن واري ڪيس ۾ ايم ڊي پي ايس او جي مقرري واري معاملي تي نيب عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ، پيٽرولين شين جي اگهن واري ڪيس ۾ ايم ڊي پي ايس او جي مقرري واري معاملي تي نيب عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته پيٽروليم شعبي جو تجربو نه هجڻ باوجود ايم ڊي پي ايس او کي ڪهڙي قانون تحت واڌو پگهار ڏني وئي، حڪومت جو طريقو آهي ته نجي ڪمپنيز ٺاهيو، پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيو ۽ کين فائدو پهچايو، عوام جو پئسو لُٽيو پيو وڃي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم  ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پيٽروليم شين جي اگهن ۽ ايم ڊي پي ايس او جي مقرري بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان اٽارني جنرل پيٽروليم شين جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ بابت رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته ايم ڊي پي ايس او به عدالت ۾ پيش ٿيو.

سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ايس او جي مقرري ۽ مراعتن جي معاملي تي نيب عملدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته ايل اين جي بابت جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي.

عدالت ايم ڊي پي ايس او کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ڪنهن مقرر ڪيو، پيٽروليم جي شعبي ۾ تجربو نه رکندڙ شخص کي ڳريون پگهارون ۽ مراعتون ڇو ڏنيون ويون.

ايم ڊي پي ايس ايو ٻڌايو ته کيس اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪميٽي جي سفارش تي مقرر ڪيو ويو، جنهن تي عدالت چيو ته ايم ڊي صاحب! اوهان وٽ ته تجربو ئي ناهي، ڇو نه اوهان کي معطل ڪري ڇڏيون.

چيف جسٽس  ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جو طريقو آهي ته نجي ڪمپنيز ٺاهيو، پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيو ۽ کين فائدو پهچايو، عوام جو پئسو لُٽيو پيو وڃي.

عدالت نيب عملدارن کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*