چيف جسٽس ميان ثاقب نثار اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال ۽ ڪچي آبادي جو دورو ڪري مريضن ۽ عام شهرين سان ملاقاتون ڪيون

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال ۽ ڪچي آبادي جو دورو ڪري مريضن ۽ عام شهرين سان ملاقاتون ڪيون، سندس چوڻ هو ته اسپتالن ۾ سهولتون ۽ دوائون جي کوٽ آهي، ڇا ايئن ئي اسپتالون هلنديون آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان ملاقات ڪئي.

چيف جسٽس اسپتال جي مختلف وارڊز جو معائنو ڪيو ۽ دوائن جا سيمپل به چيڪ ڪيا، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي.

چيف جسٽس جي دوري دوران مريضن سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون، جنهن تي چيف جسٽس اسپتال عملدارن کي ڇنڊ پٽي.

چيف جسٽس چيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، مريض دوائن لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن، ڇا اسپتال ايئن ئي هلندي آهي.

هوڏانهن چيف جسٽسايف 6 ۾ واري علائقي ۾ موجود ڪچي آبادي جو دورو ڪري رهواسين  کان مسئلا معلوم ڪيا.

چيف جسٽس رهواسين جا مسئلا ٻڌڻ کانپوءِ کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا جلد حل ڪيا ويندا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*