مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ وڌي هڪ سئو 30 ٿي ويو ۽ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن

مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ وڌي هڪ سئو 30 ٿي ويو ۽ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته شهيدن جي جنازي نماز اڄ منجهند 3 وڳي ادا ڪئي ويندي.

مستونگ جي درينگڙ واري علائقي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڪارنر ميٽنگ دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت هڪ سئو 30 ڄڻا شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.

سراج رئيساڻي جي وڏي ڀاءُ لشڪر رئيساڻي آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آپگهاتي ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز ۽ ليويز اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به ورتا ويا.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ 8 کان 10 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪيدار مادي ۾ بال بيرنگ وڏي مقدار ۾ هئڻ سبب تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو.

مستونگ ۾ ڌماڪي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سراج رئيساڻي پي بي 35 تي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار هو، بلوچستان عوامي پارٽي سندس شهادت تي 2ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

جولاءِ 2011 ۾ به مستونگ واري علائقي ۾ سراج رئيساڻي تي آپگهاتي حملو ٿيو هو جنهن ۾ سندس 14 ورهين جو پٽ حقمل رئيساڻي شهيد ٿيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*